ڪنڌڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ ڪيميڪل کير جو ڪاروبار بند ڪرائڻ ۾ ضلع انتظاميا مڪمل طور ناڪام

ڪنڌڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ ڪيميڪل کير جو ڪاروبار بند ڪرائڻ ۾ ضلع انتظاميا مڪمل طور ناڪام بڻيل ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران ڊي سي ۽ اي سي خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ آڏو پهچي سخت نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي اڳواڻن حبيب الله سبزوئي نادر ميراڻي بيورڪ خان لنجواڻي محمد علي چاچڙ شوڪت ملڪ آصف مهمداڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ضلعي اندر پنجاب کان بااثر واپاري ڪيميڪل وارو کير گهرائي شهرن ۾ وڪرو ڪن ٿا جنهن جا ثبوت ڊي سي ۽ اي سي وٽ به موجود آهن پر انهن خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪيميڪل کير جي ڌنڌي ۾ جيڪي نام نهاد بااثر ڌريون ملوث آهن انهن خلاف جلد ثبوتن سان عدالت جو رخ ڪنداسين هنن چيو ته زهريلو کير واپرائڻ ڪري ڪيترن ئي بيماريون پيدا ٿيون آهن افسوس ڪرپٽ انتظاميا هن معاملي کي چند ٽڪن عيوض لئي مٽي ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي اسين ڊي سي ڪشمور کي چتاءُ ٿا ڏيون ته هن ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ان خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي