ڪنڌڪوٽ جي پرائيويٽ بيڪن لائيٽ اسڪول کي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي وئي

ڪنڌڪوٽ جي پرائيويٽ بيڪن لائيٽ اسڪول کي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي وئي.باه لڳڻ بعد اسڪول ۾ دونهو ٿي ويو ۽ اسڪولي ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويو افرا تفري جو ماحول پيدا ٿيڻ بعد اسڪول انتظاميا سڀني ٻارڙن کي ڪلاس روم مان ڪڍي مٿين ڇت تي منتقل ڪيو اسڪول اندر باه لڳڻ بعد خوف واري فضا قائم ٿي وئي ۽ اسڪول ٻاهريان وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا.نجي اسڪول بيڪن لائيٽ ۾ باه لڳڻ واري خبر والدين تائين پهچڻ بعد والدين هڪ ساهي ۾ اسڪول پهچي ويا ۽ اسڪول انتظاميا بار بار والدين کي چوندي رهي ته باه تي ضابطو آندو ويو آهي هاڻ صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي پر والدين پاران اسڪول ٻاهريان هنگامو ڪرڻ بعد اسڪول انتظاميا سڀني ٻارڙن کي اسڪول ٽائيم کان اڳ ئي موڪل ڪري ڇڏي ۽ سڀني ٻارڙن جا والدين اسڪول پهچي پنهنجن پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول کان وٺي گهر منتقل ڪيو.اسڪول اندر باه لڳڻ واري خبر جو ضلعي انتظاميا نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي موڪلي صورتحال جو جائزو ورتو جڏهن ته پرائيويٽ اسڪول جي نگراني لاء مقرر ٿيل ڪامورن پڻ اسڪول جو وزٽ ڪيو ۽ اسڪول انتظاميا جي ڪرتار لال کي سختي سان هدايتون ڏنيون هي باه واقعا ڪنهن خطري جي گهنٽي کان خالي ناهن ان لاء اسڪول جو معيار بهتر رکيو وڃي ۽ ايستائين تعليمي سرگرميون شروع نه ڪيون وڃن جيستائين مڪمل طور اسڪول ۾ ٿيندڙ بجلي وائرنگ ۽ ٻئين سسٽم کي ٺيڪ نه ڪيو وڃي.جڏهن ته نجي اسڪول بيڪن لائيٽ جي انتظاميا ڪرتار لال سوشل ميڊيا ذريعي سڀني والدين کي آگاه ڪيو ته اسڪول اندر باه واقعو سولر سسٽم جي بورڊ سبب ٿيو سولر سسٽم جي بورڊ کي باه لڳڻ بعد باه پکيڙجي وئي ۽ دونهي سبب شاگرد پريشان ٿي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيوز اسڪول جون اچڻ بعد والدين سخت پريشان ٿيا اسڪول اندر باه واقعي ۽ شاگردن کي وقتي جيڪا تڪيلف پهتي ان لاء سڀني والدين کي معزرت ڪريان ٿو اسڪول انتظاميا جي ڪرتار لال سوشل ميڊيا تي اهو پيغام ڏنو ته اسڪول ۾ لڳندڙ باه واقعي بعد سڀاڻي(اڄ)موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جئين اسڪول ۾ لڳندڙ باه واقعي جي جاچ ڪري سگهجي ته باه ڪهڙي خرابي جي ڪري لڳي آهي جئين آئنده ڪو واقعو جنم نه وٺي سگهي.ياد رهي ته ڪجه وقت پهريان به ساڳئي اسڪول ۾ استاد جي مبينا تشدد سبب اسڪولي شاگرد فوت ٿيو هو ۽ ان واقعي کي نظر ۾ رکندي وري هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪول اندر باه واقعو ٿيڻ بعد والدين سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا.