يس ايس پي عرفان علي سمون جي هدايتن تي صبح کان ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن دوران پوليس ۽ ڏوھاري ٽولي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ ٿاڻي گيھلپور جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون هٿياربندن جديد هٿيارن سان پوليس تي راڪيٽ لانچر ۽ اينٽي ايئر گن گرافٽ جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار هادي ڊومڪي ۽ صابر ڊومڪي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ايس ايڇ او گل محمد مهر سميت 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن .مصري جکراڻي،شاهبيگ جکراڻي،عبدالوهاب جکراڻي زخمي،شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو،جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي. پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي