ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان پنج ڏينهن اڳ درياهه ۾ ٻڏي ويل ڪفايت علي چاچڙ جو لاش مسلسل ڳولا باوجود نه ملي سگهيو. هو پنهنجي مائٽن جي لڏ پلاڻ ۾ مدد لاءِ درياهه پار ڪري رهيو هو، جتي اوچتو درياهه جي گهمر ۾ ڦاسي پيو ۽ ترڻ وارو اوزار هٿان نڪري وڃڻ سبب موجن جو شڪار ٿي ويو.ڪفايت علي چاچڙ هڪ باوقار ۽ سلجهيل جوان هو، جنهن جي ننڍپڻ ۾ ئي والد غلام رسول وفات ڪري ويو هو. صرف 15 ورهين جي ڄمار ۾ هن گهر جي ذميوارين جو بار سنڀالي ڪفالت ڪئي. 25 ورهين جي عمر ۾ هو پنهنجي ڪراڙي امڙ، ٻن ننڍڙن ڀائرن، هڪ پٽ ۽ ٻن معصوم نياڻين کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو، جن لاءِ هي جدائي عمر ڀر جي روڄ بڻجي وئي آهي.ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ٽي ڏينهن تائين مسلسل درياهه ۾ ڳولا ڪئي وئي پر لاش هٿ نه آيو، جنهن بعد وارثن تعزيتون قبول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. ضلعي انتظاميه، ڊي سي ڪشمور آغا شير زمان پٺاڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي وارثن کي يقين ڏياريو آهي ته حڪومت سنڌ کان مرحوم جي خاندان لاءِ معاوضو منظور ڪرايو ويندو.ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته مرحوم جي معصوم ٻچڙن جي سنڀال لاءِ حڪومت فوري طور مالي سهائتا مهيا ڪري، جيئن خاندان جي مدد ٿي سگهي.