غوثپور لڳ ڪچي جي جنگڻ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ نظر جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي چاري جي مالڪي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي مٿان پنهنجي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنھنڪري فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۔ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽيھن سالن جو شاھ بازي جاگيراڻي پٽ سنھڙو جاگيراڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو جڏھن ته ٻنھي ڌرين ۾ فائيرنگ جو سلسلو اڃان تائين به هلندڙ آهي۔ حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ هن وقت تائين ناهي پھتي۔ جنھن سبب وڌيڪ رتو ڇاڻ جو پڻ خدشو آهي واضع رهي ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سڪا سئوٽ ٻڌايا پيا وڃن۔ لاش اڃان واقعي واري ھنڌ پيل آھي