ڪنڌڪوٽ : سبزوئي ء مھر برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو سبزوئي برادري جي ھٿياربندن صبح جو سوير سان سبزي منڊي تي حملو ڪري

ڪنڌڪوٽ : سبزوئي ء مھر برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو سبزوئي برادري جي ھٿياربندن صبح جو سوير سان سبزي منڊي تي حملو ڪري ڏنو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي گوليون لڳڻ سبب مھربرادري جو نوجوان دلمراد مھر ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سبزوئي برادري جي ھٿياربند موقعي واردات فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس نه پھتي فائرنگ جي دوران سبزي منڊي م ڀاڄ پئجي وئي جڏهن ته وارثن کي اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻي انڊس ھاء بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون سخت گرمي سبب مسافر پريشان م پريشان رھيا سبزوئي برادري ء مھربرادري م ھن وقت تائين مھر برادري جا 3 ڄڻا قتل جڏهن ته سبزوئي برادري جا 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن