ڪنڌڪوٽ: سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبن خلاف وڪيل برادري ۽ مختلف پارٽين جي سڏ تي باءِ پاس وٽ ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبن خلاف وڪيل برادري ۽ مختلف پارٽي تي ٻڌل آل پارٽيز جي سڏ تي باءِ پاس جي گولاءِ موڙ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو آهي. انڊس ھاء وي تي لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. انهي موقعي تي آل پارٽريز جي اڳواڻن وڪيل عبدالغني بجاراڻي، ڊاڪٽر ميهرچند، اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ساگر بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪڏهن به ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، سنڌو درياءَ سنڌين جو جياپو آهي، پاڻي تي ڌاڙي خلاف وڪيلن سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. مظاهرين چيو ته چولستان جي غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاء سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش کي ڪروڙين سنڌي احتجاج ذريعي ناڪام ڪندا هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو وفاقي سرڪار فوري طور  تي واپس وٺي.