ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) غوثپور لڳ سولر پليٽ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي۔ تفصيل موجب، غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ دوست محمد اوڳاهي ڀرسان 20 ورهين جو نوجوان رفيق احمد اوڳاهي سولر پليٽن جي مرمت دوران بجليءَ جي ڪرنٽ ۾ اچي ويو، جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو۔ فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ڳوٺ ۾ به سوڳ واري فضا ڇانيل رهي۔ رابطي ڪرڻ تي سندس چاچي ڊاڪٽر ابراهيم ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان گاهه ڪرڻ بعد سولر پليٽ ٺاهي رهيو هو ته اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿي ويو۔ فوتي جي تدفين اڄ شام سندس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي۔