ڪنڌڪوٽ: سيد زين شاهه تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي ريلي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) سيد زين شاهه تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ مرڪزي سڏ تي سموري سنڌ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن طرفان پارٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن سخت نعريبازي ڪئي.ريلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا اڳواڻ ظريت ساگر بجاراڻي، شاھنواز مريٽو، ڇوٽو خان جکراڻي، نور خان سبزوئي، غلام علي سبزوئي، فضل محمد سبزوئي، قربان ملڪ، قاسم ڀيو، فضل کوسو، عبدالحميد ۽ خادم حسين سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شامل هئا. احتجاج ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪئي. جن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد شعبان جکراڻي ۽ عبدالعزيز سومرو، جماعت اسلامي ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، جمعيت علماءِ اسلام اڳواڻ خان محمد ملڪ، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ فدا محمداڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس لنجار فورس بڻجي وئي آهي. سيد زين شاهه هڪ پرامن سياسي اڳواڻ آهي جيڪو مسلسل سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي قبضي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، تنهنڪري لنجارن بوکلاهي ڪري هن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سيد زين شاهه تان ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.