ڪنڌڪوٽ: سي سيڪشن ٿاڻي جي غريب آباد محلي ۾ موٽر سائیڪل شوروم تي ويٺل رھزن بنگوار مٿان موٽر سائیڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ شروع ڪري

ڪنڌڪوٽ :سي سيڪشن ٿاڻي جي غريب آباد محلي ۾ موٽر سائیڪل شوروم تي ويٺل رھزن بنگوار مٿان موٽر سائیڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ رھزن بنگوار موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ھڪ زخمي جڏھن ته ھٿياربند موٽر سائیڪل تي چڙھي ڪري فرار ٿي ويا فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف وحراس پکيڙجي ويو جڏھن ته قتل واقعي جي اطلاع ملڻ پوليس جاءِ واردات تي پھچي مقتول جو لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتان ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش سندس جي وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته قتل جو ڪارڻ بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي