ڪنڌڪوٽ: شهيد صابر علي نندواڻي جي جنازي نماز فوجي اعزاز سان ادا

رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن هٿان مارجي ويل پاڪ فوج جي بهادر جوان شهيد صابر علي نندواڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ ضلعي انتظاميا، سيڪيورٽي فورسز ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ شهيد صابر علي نندواڻي کي سندس اباڻي ڳوٺ ڪرم پور ۾ فوجي اعزاز سان سپردِ خاک ڪيو ويو۔ جنازي نماز ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور سيد غضنفر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواڻي ڊاڪٽر علي رضا بوزدار سميت پاڪ فوج جا آفيسر ۽ مقامي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي۔ پاڪ فوج جي دستي شهيد کي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته کيس سرڪاري ۽ فوجي اعزاز سان دفنايو ويو۔ شهيد صابر علي نندواڻي لائيس نائيڪ جي حيثيت سان 16 سالن تائين پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ملڪ جي حفاظت دوران پنهنجي جان قربان ڪئي۔ سندس پٺيان هڪ بيوه زال ۽ ٽي پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن۔