تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن پاران واپارين کان ڀتو وٺڻ لاءِ شھر واسين، قوم پرستن، ڪاروبارين پاران شروع ڪيل شروع تحریڪ نتيجا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي بشير بروھي جي ھدايت تي اي سيڪشن پوليس ڏوھارين جي سھولتڪار ٻن ھندو نوجوانن اجيت ڪمار ۽ ونيش ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيلن مٿان دھشگردي ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ونيش ڪمار ڪنگراڻي جيڪو مرزانپور ۾ ويٺل اناج منڊي ۾ گدامي پڻ آهي جنھن مٿان ڪيس ۾ پوليس مؤقف رکيو آهي ته ونيش ڪمار واپاري جئرام داس کان ڏھ لک روپيا ڀتو وٺي نواب جاگيراڻي کي ڏنا جنهن ۾ ٻھ لک روپيا ونيش ڪمار کي ڏنا ويا ڪيس ۾ نواب جاگيراڻي سميت ٻين جا به نالا به شامل آهن گرفتار ڪيل اجيت ڪمار خادم حسين عرف خادو ڀيو گينگ لاءِ ڪم ڪندو ھو پنهنجي چاچي سميت مختلف سيٺن کان 35 لک روپيا ڀتو وٺرائي ڏنو مٿان اي ٽي سي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ خادم ڀيو ۽ ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ونيش ڪمار جي پوليس پاران جاري ڪيل ويڊيو ۾ اعتراف ڪندي نواب جاگيراڻي کي واپاري ۽ خاندان بابت مڪمل معلومات ڏيڻ جي ڳالھ تسليم پڻ ڪئي جڏھن ته اجيت ڪمار جي ويڊيو ۾ ڪافي سيٺن جا نالا کڻي مڪمل معلومات ڏيڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي،