ڪنڌڪوٽ :شھر جي غريب آباد محلي جي رھواسڻ ارڙھن ورھين جي نوجوان ناري جماعتي بروھي

ڪنڌڪوٽ :شھر جي غريب آباد محلي جي رھواسڻ ارڙھن ورھين جي نوجوان ناري جماعتي بروھي غوثپور جي نوجوان شاھنواز بروھي سان سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو۔ ناري پاران والدين جي ڌمڪين بعد تحفظ جي اپيل۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ واسڻ نوجوان ناري مسمات جماعتي بروھي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته منھنجي والد نورمحمد پنڌرھن سال اڳ منھنجو مڱڻو غوثپور واسي شاھنواز بروھي سان ڪيو ھيو پر ھڪ سال اڳ منھنجي مڱيندي جي روڊ حادثي ۾ ھڪ ڄنگھ ضايع ٿي ويئي ته ھن مونکي لالچ ۾ اچي پئسن عيوض ھڪ بااثر ماڻھو سان پرڻائڻ چاھي پيو۔ مون ان جي مخالفت ڪئي ته مونکي مارڪٽ ۽ تشدد ڪري گھر ۾ نظربند ڪري ڇڏيائون جنھن بعد ڪالھ مان وجھ وٺي گھران نڪري پنھنجي مڱيندي سان ڪنڌڪوٽ جي سيشن ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي۔ ھاڻي مونکي منھنجي خاندان وارا مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ منھنجي مڙس کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھين ٿا جنھن لا۽ مان ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪريان ٿي ته مونکي تحفظ ڏنو وڃي جيئن مان پنھنجي زندگي خوشي سان گذاري سگھان*