ڪنڌڪوٽ شھر ـ ميونسپل انتظاميا جي نااھلي ۽ مبينا ڪرپشن سبب گندگي جي ڍير ۾ تبديل روڊ رستن ۽ مختلف علائقن ۾ نالين ۽ گٽرن جو پاڻي گذريل ٽن ڏينهن بيٺل ـ شھري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا ـ خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي اڳيان نالين جو گندو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ ان کان اعلاو جج صاحب جي گهر اڳيان ۽ سٽيزن ڪلب ۽ واڊ،، 7،،جو چونڊيل نمائيندو آغا شمس الدين پٺاڻ جي گھر اڳيان به گندو نالين جو پاڻي بيٺل آهي ۽ ان کان علاوا آءِ روز ڪنڌڪوٽ شهر گندگي جي ور چڙهيل ميونسپل ڪاميٽي جا وائيٽ ڪالر گهر ويٺي پگهار کائڻ لڳا ۽ ڪچن ملازمن جون پگهارون نه ملڻ خلاف هر روز tmo آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪروڙي روپين جي بجيٽ هجڻ جي باوجود به شهر ۾ صفائي جو نظام ڌرهم برهم آهي شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي وائيٽ مقرر آهن پر اهي گهر ويهي اڌ پگهار کڻن ٿا ۽ اڌ آفيسرن کي ڏين ٿا ڪيترائي ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽر جي شهر جي صفائي سٿرائي بابت گڏجاڻي ٿي پر گڏجاڻي فوٽو سيشن تائين محدود صفائي لاء ٿيل گڏجاڻي کي انتظاميا هوا ۾ اڏاري ڇڏيو شهرين ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ۽ ٻين آفيسرن کي مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي ڏنو وڃي