ڪنڌڪوٽ: صوبائي وزير مير صاحب مير شبير علي بجاراڻي جي ڪوششن سان نندواڻي برادري وارثن کي سنڌ حڪومت پاران جلد معاوضو ادا ڪيو ويندو.

ڪنڌڪوٽ :صوبائي وزير مير صاحب مير شبير علي بجاراڻي جي ڪوششن سان نندواڻي برادري وارثن کي سنڌ حڪومت پاران جلد معاوضو ادا ڪيو ويندو.ڪنڌڪوٽ خوفناڪ ٽرڪ حادٽي ۾ جاني نقصان جي معاوضي لاء صوبائي وزير مير صاحب مير شبير علي بجاراڻي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط واقعي کان اگاه ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي نندواڻي برادري جي سار لهڻ جي دخواست ڪئي. صوبائي وزير مير صاحب مير شبير علي بجاراڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو احوال ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور پاران جاري ڪيل رپورٽ تي وارثن کي معاوضي جي سمري پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نندواڻي برادري کي سنڌ حڪومت پاران معاوضي جي خاطري ڪرائي . صوبائي وزير مير صاحب مير شبير علي بجاراڻي جي ڪوششن سان نندواڻي برادري وارثن کي سنڌ حڪومت پاران جلد معاوضو ادا ڪيو ويندو.