ڪنڌڪوٽ : ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي جي سڏ تي شھر ۾ شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي آهي

ڪنڌڪوٽ :ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي جي سڏ تي شھر ۾ شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي آهي شھر جي اڪثر علائقن گھنٽا گھر چوڪ، رسالدار روڊ، اعواڻ مارڪيٽ، وڌي شاھہ مارڪيٽ اناج منڊي سميت مختلف بازارن ۾ دڪان بند رکيا ويا آهن جماعت اسلامي پاران گھنٽا گھر چوڪ کان حافظ نصراللّٰه ، غلام مصطفيٰ میراڻي، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، مولوي خان ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائین احتجاجي مظاهرو ڪیو ویو مظاھرين جو چوڻ ھو ته شھر ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي چڪي آهي شھر ۾ اغوا، ڦر، ڌاڙا ۽ چورين جون وارداتون روز جو معمول بڻجي وڃڻ ڪري شھري ۽ ڪاروباري ماڻهون پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيو آهي معصوم عظيم ميڻڪ، موتي رام، نندلال، مزار خان گولو، واجب گولو سميت 25 کان وڌيڪ شھري ۽ مسافر ڏوھارين وٽ قيد آھن ڌاڙيل مغوين جي وارثن کان لکين روپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن ايس ايس پي صرف آفيس تائین محدود ٿي ويو آھي جنھن کي عوام جي ڪا به ڳڻتي ڪونھي مظاھرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي ضلعي ۾ امن جي فضا کي بحال ڪيو وڃي.