ڪنڌڪوٽ: عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي طاهري اهلسنت ۽ ٻين جماعتن پاران عظيم الشان ريلي

رپورٽ: عبدالخالق ڪنڌڪوٽ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مناسبت سان طاهري اهلسنت، سني تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن جي گڏيل انتظام هيٺ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ جماعت اصلاح المسلمين جا ضلعي عهديدار سينيئر نائب صدر خليفه رفيق احمد سومرو، نائب صدر ڊاڪٽر غلام شبير طاهري، جنرل سيڪريٽري جاويد احمد اوڳاهي طاهري، معاون آڊيٽر نور محمد ڀيو طاهري ۽ جمعيت علماءَ طاهريه ضلعي باڊي مان صدر مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري، جنرل سيڪريٽري مولانا سائين بخش ملڪ طاهري، فنانس سيڪريٽري حافظ غلام مصطفيٰ بنگوار طاهري، صدر دوئم حافظ نياز حسين گولو طاهري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ عاشقان رسول ﷺ جا قافلا شهر جي مختلف علائقن مان نڪتا. هر طرف “مرحبا يا مصطفى ﷺ” ۽ “صلوات و سلام” جا نعرا گونجي رهيا هئا. محفل ۾ نعت خوانن خالد حسين اوڳاهي طاهري، مولانا منظور احمد شيخ طاهري ۽ امتياز علي ملڪ طاهري سرور ڪائنات ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪري شرڪت ڪندڙن ۾ جذبو ۽ سرور پيدا ڪيو. ان موقعي تي مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته: “رسول پاڪ ﷺ جي زندگي اسان لاءِ بهترين نمونو ۽ مشعل راهه آهي. اڄ جو ڏينهن عيد کان به وڏي خوشي جو ڏينهن آهي، ڇو ته حضور ﷺ امت لاءِ امن ۽ محبت جو پيغام کڻي آيا.” ريلي شهر جي مختلف روڊن ۽ رستن مان ٿيندي آخر ۾ مرڪزي جماعت اهلسنت سان گڏجي جامع مسجد نورِ مصطفى ﷺ ۾ اختتام پذير ٿي، جتي ملڪ ۽ امت مسلمه جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون.