ڪنڌڪوٽ :غوثپوراٺ ڏينھن اڳ شھر ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مولوي غلام رسول بجاراڻي واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿيل غوثپور واسي چئن پورھيتن حاجي خدابخش ٽانوري۔ فقير الله ڏنو ٽانوري۔خانگي ٽي وي

ڪنڌڪوٽ :غوثپوراٺ ڏينھن اڳ شھر ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مولوي غلام رسول بجاراڻي واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿيل غوثپور واسي چئن پورھيتن حاجي خدابخش ٽانوري۔ فقير الله ڏنو ٽانوري۔خانگي ٽي وي جو ڪيمرامين سڄڻ ميراڻي ۽ نوردين بھلڪاڻي جي بازيابي لا۽ سندس جي وارثن ۽ علائقي جي سول سوسائٽي جي ماڻهن جو سيد سھيل احمد شاھ۔ لياقت ميراڻي. قالو بھلڪاڻي. علي حسن ٽانوري. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳڙھي لاڙو واري علائقي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي۔ ڌرڻي سبب پنجاب کان سنڌ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آهي روڊ بلاڪ هجڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن جو پڻ شڪار بڻيل آهي۔ ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ غوثپور سميت ٻين شهرن ۾ اغوا ڦر ڌاڙا توڙي رتو ڇاڻ وارو سلسلو روز جو معمول بڻيل آهي پر ڪشمور ضلعي جي پوليس ڏوھارين سان مهاڏو اٽڪائي مغوين کي بازياب ڪرائڻ بدران ڏوهارين اڳيان بي وس بڻجي راڄوڻي ڪوششن ۾ رڌل آهي۔ مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيستائين چئني مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس خاطري نه ٿي ڪرائي اوستائين اسانجو انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو جاري رهندو ۔واضع رهي ته غوثپور سميت ضلعي جي مختلف شهرن مان 20 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن جن کي هٿيار بند ڳڙهي تيغو ۽ دراني مهر جي ڪچي واري علائقن ۾ ڀنگ خاطر باندي بڻائي رکيو آهي۔ جنهن سبب مغوين جي گهرن ۾ پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ ڪهرام متل آهي۔ آخري اطلاعن موجب ڊي ايس پي سيد اصغر شاھ ۽ ايس ايڇ او جمال ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مغوين جي وارثن کان ڇھن ڏينھن جي مھلت وٺي روڊ کولرائي ٽريفڪ بحال ڪرائي