ڪنڌڪوٽ :غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڀرسان ڪچو ٻنڍي ٿاڻي 2 جي حد جي ڳوٺ موسو لولئي ۾ شريف لولئي

غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڀرسان ڪچو ٻنڍي ٿاڻي 2 جي حد جي ڳوٺ موسو لولئي ۾ شريف لولئي ۽ موسو لولئي وارين ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ جھيڙي دوران گھٽ ورتل ھٿياربندن موسو لولئي واري ڌر جي ٻن نوجوانن ھرھڪ ويھن ورھين جو صاحب لولئي پٽ گورو ۽ ٻاويھن سالن جو طالب پٽ شاھين لولئي جيڪي پنھنجي ڳوٺ واپس وڃي رھيا ھئا ته ھٿياربندن کين گوليون ھڻي قتل ڪري فائيرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ اھڙي واقعي بعد فوتين جا وارث ھٿيار کڻي سندن پيري پويان ويل آھن۔ واضع رھي ته ست سال پھرين پوليس جي چڙھائي دوران موسو لولئي ڌر جا ٻھ ماڻھو مارجي ويا ھئا جنھن جو الزام وارثن شريف لولئي تي ھنيو جنھن بعد ڪشيدگي وڌي ويئي ۽ ٻن سالن کانپو۽ موسي جي ڌر پلاند ۾ شريف لولئي سميت ٽن ماڻھن کي قتل ڪيو جنھنجو نبيرو پنج سالن بعد به نه ٿي سگھيو ۽ اڄ ٻيھر ڌرين ۾ جدي…