ڪنڌڪوٽ : غوثپور شھر م ھندو واپاري ديپڪ ڪمار پاران ڪڻڪ جون ھزارين مڻ ٻوريون اسٽاڪ ڪرڻ جو انڪشاف شھر ء ڀرپاسي م ڪڻڪ اڻلڀ ٿي وئي ٿريشر لڳڻ باوجود ڪڻڪ جا واپاري زميدارن کان وڌيڪ اگھ تي وٺي

ڪنڌڪوٽ : غوثپور شھر م ھندو واپاري ديپڪ ڪمار پاران ڪڻڪ جون ھزارين مڻ ٻوريون اسٽاڪ ڪرڻ جو انڪشاف شھر ء ڀرپاسي م ڪڻڪ اڻلڀ ٿي وئي ٿريشر لڳڻ باوجود ڪڻڪ جا واپاري زميدارن کان وڌيڪ اگھ تي وٺي زخيرو ڪرڻ م رڌل آهن ضلعي انتظاميا توڙي خوراڪ کاتي کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي ان موقعي تي علائقي واسي دانهيندي چيو ته ڪڻڪ مناسب اگھ نه ملڻ سبب ويلا ويھڻ تي مجبور آھيون شھرين توڙي علائقي واسي ضلعي انتظاميان توڙي خوراڪ کاتي جي اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير منافي خور واپارين پاران ذخيرو ڪيل گدامن تي ڇاپا ھڻي مناسب اگھ تي ڪڻڪ ڏياري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ ۾ غير قانوني ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران مختلف واپارين جي گودامن تي ڇاپا ھڻي ذخيرو ڪيل 15 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ ڪيون ويون آهن ـ ڪنڌڪوٽ جي فوڊ انسپيڪٽر اسحاق خان مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ جي مختلف گودامن تي ڇاپا ھڻي غير قانوني ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون ھزارين ٻوريون ھٿ ڪري 40 گودام سيل ڪري ورتا آهن ـ انهيَ سلسلي ۾ فوڊ انسپيڪٽر اسحاق خان مگسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاء غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ منافا خور مل مالڪن ۽ واپارين خلاف ڇاپا مار ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن ڪاروائي دوران ڪئلاش ڪمار ـ درشن لال ـ پريتم ـ گھنشام داس سميت مختلف واپارين جي گودامن تي ڇاپا ھڻي ذخيرو ٿيل 15 ھزار ٻوريون ھٿ ڪري 40 گودام سيل ڪيا ويا آهن ـ ھن چيو ته ھٿرادو ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي ـ