ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ شاھل خان بجاراڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڪٽائي تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا ٽي ڄڻه بلاول۔ ممتاز ۽ شعيب ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا۔ اھڙي واقعي جي اطلاع بعد جمال پوليس جي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي ٽنھي زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيو جٿي کين ابتدائي طبي امداد ڏيئي گھر روانو ڪيو ويو۔ پوليس آرڊي 219 واري علائقي ۾ چڙھائي ڪري ھڪ شڪي جوابدار کي سوگھو ڪري اڻ ڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪيس جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي