ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر ڀرسان ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ قبول اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي ڦر تان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪئي۔ جھيڙو ٽلڻ ۽ پرو اوڳاھي وارين ڌرين ۾ ٿيو جيڪو اڌ ڪلاڪ جاري رھيو۔ ھٿياربندن ٽلڻ اوڳاھي جي زمين تي ڪاھ ڪري سندس ٻارنھن ڍور ڪاھي ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن سندس ڌنار علي اڪبر اوڳاھي کي بندوق جا بٽ ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو۔ واقعي بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي۔ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿيل آھي ۽ ڌريون مورچه بند ھجڻ سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو آھي