ڪنڌڪوٽ : غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي مان اڻ ڄاتل ڌاڙيلن ھٿان مبينه اغوا ٿيل غوثپور واسي مزدا ڊرائيور عبالرشيد ملڪ سميت ڏوھارين ھٿان

ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي مان اڻ ڄاتل ڌاڙيلن ھٿان مبينه اغوا ٿيل غوثپور واسي مزدا ڊرائيور عبالرشيد ملڪ سميت ڏوھارين ھٿان مارجي ويل پورھيت اميربخش ملڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي وارثن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي۔ وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته آھي ته ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ مقتول جي جنازه نماز تي جامع مسجد ۾ وچن ڪيو ته ھڪ ھفتي اندر ڏوھارين کي سوگھو ڪري اوھانکي انصاف ڏياريندس پر ٽن ھفتن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود مسئلو حل ناھي ٿيو۔ جڏھين ته ضلعي ڪشمور ۽ شڪارپور جي پوليس اسانجي مغوي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ ۽ مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ڪوبه موثر ڪردار ادا ناھي ڪيو ۽ رڳو سکڻا دلاسا ڏيئي ھر ڀيري احتجاج جي موقعي تي نئين تاريخ وٺي وڃن ٿا۔ ھنن اھو به دانھيو ته غوثپور جي ڪچي توڙي ڳڙھي واري ڪچي ۾ ڪنھن به ھنڌ ڪوبه آپريشن نٿو ھلي ۽ نه ئي پوليس ھن مھل تائين ڪنھن وڏي ڏوھاري کي مقابلي ۾ مارڻ جي ڪا دعوا ڪئي آھي۔ اسانجا مغوي سخت گرمي ۾ ڪچي جي تتل واري تي زنجيرن سان ٻڌل ھوندي سخت تڪليف ۾ ڏينھن گھاري رھيا آھن پر پوليس ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪو ترس نٿو اچي۔ آخر اسان کي اعلا اختيارن ڪنھن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي جو روزانه ٿيندڙ وارداتن سبب اسانجون ننڊون ئي حرام ٿيل آھن