ڪنڌڪوٽ :غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ضابطو نه اچي سگھيو۔

ڪنڌڪوٽ :غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ضابطو نه اچي سگھيو۔ رات دير سان پنج کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن تنگواني لنڪ روڊ تي شھر جي مئن گرڊ اسٽيشن تي ڪاھ ڪري گرڊ اسٽيشن جي انچارج آصف دايو کي مبينه اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ڏوھارين جي در ڀڃڻ تي گرڊ انچارج گھر ۾ ڀڄي پناھ ورتي۔ ڏوھاري گرڊ ٻاھران بيٺل عملي جون ٻھ موٽرسائيڪلون ڪاھي فائيرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ وڌيڪ تفصيل موجب شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوھارين جون ڪاروايون بدستور جاري آھن۔ رات دير سان پنج ڏوھارين جمال ٿاڻي جي حد ۾ شھر جي مئن گرڊ اسٽيشن تي ڪاھ ڪري عملي کي مبينه اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عملي ڏوھارين طرفان گرڊ جو در ڀڃڻ وارو عمل ڏسي ڀت ٽپي پاڙي وارن گھرن ۾ لڪي پناھ ورتي۔ ڏوھاري گرڊ کي خالي ڏسي عملي جون بيٺل ٻھ موٽر سائيڪلون ڪاھي فرار ٿي ويا۔ عملي انچارج آصف دايو پاران جمال ٿاڻي تي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو۔جنھن بعد پوليس نفري گرڊ اسٽيشن پھچي عملي کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني۔ ھوڏانھن واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آھي۔