خيرپور( رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)قومي شاهراهه تي ٽنڊو مستي وٽ تيز رفتار ڪار ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ 30 ورهين جو عبدالرحمان سنجراڻي، 5 ساله سميرا، 6 ساله اقصا ۽ مرڪ خاتون سنجراڻي شامل آهن. زخمي محمد عارف سنجراڻي ۽ هڪ ٻيو ساٿي علاج لاءِ خيرپور اسپتال منتقل ڪيا ويا.پوليس موجب ڪار ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ طرف وڃي رهي هئي، تيز رفتاري سبب ڊرائيور جو ڪنٽرول ختم ٿيو ۽ گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي. حادثي دوران ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿيا، جڏهن ته هڪ عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ زخمن سبب دم ڏنو.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي جي خبر گهر پهچڻ تي علائقي ۾ قعورام مچي ويو. فوت ٿيلن جا لاش کڻڻ لاءِ وارث ڪنڌڪوٽ کان صبح سوير خيرپور روانا ٿيا.
ڇ