ڪنڌڪوٽ: سنڌو درياهه ۾ وچولي ٻوڏ، ڪچي جا علائقا ٻڏي ويا، 23 ورهين جو نوجوان لڙهي فوت، ضلعي انتظاميا غائب

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) سنڌو درياهه ۾ وچولي ٻوڏ سبب ڪچي جا ڪيترائي علائقا مڪمل طور ٻڏي ويا آهن، جتي هڪ نوجوان پاڻي ۾ لڙهي فوت ٿي ويو آهي. فصيل موجب، دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۽ ڀرپاسي جا علائقا ٻڏي ويا. ڳوٺ جو 23 ورهين جو نوجوان ڪفايت الله چاچڙ ٻيڙي جي سهولت نه هجڻ سبب ٽيوب ذريعي ڳوٺ کان پڪي طرف اچي رهيو هو ته اوچتو ٻڏي ويو مقامي ماڻهو ۽ وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو پر اڃا تائين ڪا به ريسڪيو ٽيم نه پهتي آهي. وارثن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ ٻيڙيون فراهم ڪيون وڃن. هنن شڪايت ڪئي ته حڪومت ٻيڙيون ڏيڻ جا دعوا ڪري رهي آهي پر عملي طور ڪا به سهولت موجود ناهي. ٻڏي ويل نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا جاري رکيو ويٺا آهن.