مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ لڳ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد م ملير وٽ ڏوهارين عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو سر عام روڊن تي نڪري آيا نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڏوھارين ڪنڌڪوٽ کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو نه بيهڻ تي ڏوهارين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ڪار سوار ڊرائيور شيوڪ ڪمار مارواڙي سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڏوهارين روڪ رقم موبائل فون ء ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي علائقي واسين زخمي کي فوري طور تي اسپتال کڻائي آندو جتي ڳڻتي جوڳي حالت م سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ياد رهي ته ڇھ مهينن کان وٺي ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ تائين نوگو ايريا بڻيل آهي پولیس جون چوڪيون بند بڻيل ڪشمور پوليس امن امان ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن