ڪنڌڪوٽ : لڳ 10 ڏينهن اڳ ھٿياربندن جي ھٿان اغوا ٿي ويل مغوي شاھد گولو جي بازيابي لاء وارثن جو انڊس ھاء بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ء ٽائرن کي باھيون ڏنيون ڌرڻي جي دوران ٻن طرفن کان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون ڊي ايس پي بخشاپور پھچڻ تي پوليس خلاف سخت نعربيازي ڪئي ٽن ڏينهن اندر مغوي بازياب ڪرائڻ جي خاطري بعد روڊ کوليو ويو

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ دڪان بند ڪري ويندڙ ڳوٺ ڪنڊو گولو جو رھواسي شاھد گولو کي ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا جنهن کي اغوا ٿيندي 10 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪشمور پوليس مغوي کي آزاد ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن اھڙي عمل خلاف وارثن ء گولا برادري جي سوين ماڻهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي راڻي اسٽاپ وٽ بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ء ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون ڌرڻي جي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ء خيبر پختوا ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون ان موقعي تي وارثن چيو ته ڪشمور پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ م ناڪام وئي آهي ء خالي ٿلھا آسرا ڏئي رھي آهي ھن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڪشمور سان ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کان مطالبو ڪيو ته مغوي کي جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ڊي ايس پي بخشاپور واقعي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون ء خاطري ڪرائي ته جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو خاطري بعد روڊ کوليو ء گاڏيون پنهنجي منزل طرف روانيون ٿيون ويون