مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد اعواڻ محلا م محمداڻي ء بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو رات جو دير سان محمداڻي برادري جي هٿياربندن جو پريس ڪلب جي صدر پير بخش بنگوار جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ بعد محمداڻي برادري جا هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ ديرسان پهتي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پريس ڪلب جي صدر پير بخش بنگوار ٻڌايو ته اسان جو محمداڻي برادري سان تڪرار هلندڙ آهي هن وڌيڪ چيو ته منهنجو محمداڻي برادري سان هلندڙ تڪرار سان واسطو ناهي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن مون کي منهنجي خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي