ڪنڌڪوٽ : مرزانپور پاڙي مان اغوا ٿيل ھندو نينگر ثمرت ڪمار جي اغوا خلاف ۽ سندس جي بازيابي لاء شھري سراپا احتجاج

ڪنڌڪوٽ: مرزانپور پاڙي مان اغوا ٿيل ھندو نينگر ثمرت ڪمار جي اغوا خلاف ۽ سندس جي بازيابي لاء شھري سراپا احتجاج بڻيل ھندو پنچائت طرفان ڪنڌڪوٽ جي گھنٽا گھر چوڪ تي بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي ـ بک ھڙتال ڪيمپ ۾ ھندو پنچائت سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهيَ موقعي تي اڳواڻن سيٺ نند لال ـ پرڪاش لال ـ انجنيئر لال ـ اميش ڪمار ـ گھنشام داس ۽ نينگر جي والد اجيت ڪمار ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ بدامني لپيٽ ۾ اچي وڃڻ ڪري شھري غير محفوظ بڻجي ويا آهن اغوا ٿيل معصوم ثمرت ڪمار کي پنج ڏينھن گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو پوليس جي لاپرواھي ۽ نااھلي سبب ھتان جو عوام خوف ۾ وٺجي ويو آهي ھنن چيو ته پوليس انتظاميا پاران نينگر جي بازيابي لاء رڳو سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن جنهن ڪري بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي ھنن مطالبو ڪيو ته نااھل پوليس آفيسرن کي ھٽائي ھندو نينگر ثمرت ڪمار کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ نينگر جي بازيابي تائين ھي بک ھڙتال جاري رکي ويندي ـ