ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪنڌڪوٽ جا انسپيڪٽر شمس الدين چاچڙ اي ڊي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ شهر کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ مهم جاري آهي.هن ٻڌايو ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ آفيسرن جي هدايت تي ٿيل ڪارروائي دوران لکين رپين جي قيمت واري شراب هٿ ڪئي وئي آهي ۽ ڇھ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.انسپيڪٽر جو چوڻ هو ته خفيه ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سهڪار سان آپريشن ڪامياب بڻيو، اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.هن وڌيڪ چيو ته منشيات هڪ لعنت آهي جنهن سبب نوجوان نسل تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي. سماجي ادارن ۽ شهرين کي گهرجي ته پوليس سان سهڪار ڪن، معلومات فراهم ڪن ته جيئن منشيات فروشن خلاف مڪمل طور تي ڪاروائي ڪري سگهجي.