رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ٿاڻو اي سيڪشن جي حد ۾ هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو تفصيل موجب گلشير محله جو رهاسي نوجوان غلام مصطفيٰ ڇڄڻ نئين نادرا آفيس بائي پاس روڊ وٽ موجود هو، جتي هٿياربندن کيس روڪي سي ڊي 70 ماڊل 2020 جي موٽر سائيڪل ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا واردات دوران نوجوان غلام مصطفيٰ جي مزاحمت تي ڏوهارين فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي کي فوري طور تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. شهرين جو چوڻ آهي ته پوليس هميشه وانگر واردات کان پوءِ دير سان پهتي، جڏهنتہ ڏوهاري بنا ڪنهن خوف جي شهر جي مختلف علائقن ۾ سرگرم آهن. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته وڌندڙ ڦرن جي وارداتن تي ڪنٽرول آندو وڃي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.