ڪنڌڪوٽ : ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ميلاد جي پروگرام منعقد ڪيو ويو

پريالوءِ: ڀرسان ٻٻرلوءِ جهالووٽان ابل واهه مان هٿ آيل پيرسن عورت جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي . ابل واهه مان هٿ آيل پيرسن عورت جي پٽ زوهيب شيخ ٻٻرلوءِ ٿاڻي ۽ بعد ۾ سول اسپتال خيرپور پهچي هٿ آيل عورت جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي . ٻٻرلوءِ پوليس موجب زوهيب شيخ اسان وٽ ٿاڻي تي پهچي لاوارث حالت ۾ هٿ آيل عورت جي سڃاڻپ ڪئي فوت عورت جي پٽ زوهيب شيخ ٻڌايوته سندس امڙ 60 سالا حسينا زال اسماعيل شيخ ويٺ روهڙي جي آهي هن ٻڌايوته سندس امڙ جي ذهني توازن صحي نه هئي جيڪا 10 ڏينهن اڳ گهر نڪري وئي ته واپس گهر نه آئي جنهن ڪري اسان ڳولها ڪئي پر ڪٿان به ڏس پتو نه مليو ۽ بعد ۾ حد جي روهڙي ٿاڻي تي پهچي پنهنجي امڙحسينا شيخ جي گم ٿي وڃڻ متعلق اين سي به داخل ڪرائي هئي ٻٻرلوءِ پوليس پاران هٿ آيل عورت جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وڃڻ بعد لاش سندس پٽ زوهيب حوالي ڪري ڇڏيو