ڪنڌڪوٽ: نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شجراع چوڪ وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مهردل سبزوئي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حملاور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو ۽ علائقي ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.