ڪنڌڪوٽ : ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.تنگواڻي شاخ جي رئيس ڀيا پل وٽ ٻئي موٽرسائيڪلون هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون، حادثي ۾ فياض جاگيراڻي، سندس پٽ سرتاج جاگيراڻي ۽ قادر بخش بهلڪاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.عارف بهلڪاڻي ۽ مسمات کندول سخت زخمي ٿي پيا، هڪ زخمي کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.