ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو آء بي اي پاس اميدوارن جو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ عرفان علي ڏاهاڻي حاڪم علي ميرالي اسدالله بلوچ فاروق احمد صدام حسين جکراڻي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ميرٽ جي بنياد تي ٽيسٽ جا سڀئي مرحلا پاس ڪيا آهن پر افسوس جو اسان جي حق تي چند ڏوڪڙن ۽ چونڊيل نمائندن جي عيوضين جي لاڏلن کي راضي ڪرڻ لاءِ ميرٽ جي لتاڙ ڪري ٽيسٽ پاس نه ڪندڙن کي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن کي اسين ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين اسين پنهنجي حق لاءِ اعلي عدالت جو در کڙڪائينداسين اسين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي