ڪنڌڪوٽ: پورهيت مزدور جي قتل خلاف احتجاج، شهر بند

ڪنڌڪوٽ : گذريل ڏينهن هٿيار بندن جي فائرنگ م مارجي ويل پورهيت مزدور آدم شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جي اڳواڻي مختلف تنظيمن جماعت اسلامي غلام مصطفي ميراڻي ايس يو پي جي دلمراد خان ڏاهاڻي ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي قومي عوامي تحريڪ جي فدا حسين محمداڻي شهري اتحاد جي صدر حاجي حضور بخش مغل ڊاڪٽر ميهر چند اشوڪ ڪمار سميت ٻيا شريڪ ٿيا شهر مڪمل طور تي بند رهيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي م بدامني جي باھ ٻري رهي آهي ڪشمور ضلعي جي پوليس امن امان بحال ڪرائڻ م ناڪام ٿي چڪي آهي هن وڌيڪ چيو ته ڪشمور ضلعو ڪشمير بڻجي ويو آهي ٻن ڏينهن اندر ٻه پورهيت هڪ ڪنڌڪوٽ ٻيو تنگواڻي م قتل ٿيا آهن هتان جا چونڊيل نمائندا توڙي اعلي اختياريون خاموش بڻيل آهن