ڪنڌڪوٽ: پوليس ڏيڍ مھينو اڳ ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان اغوا ڪيل 3 ڊانسر ڇوڪرين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس موجب ڌاڙيلن دوکي سان ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي جي رھواسين 3عورتن عارفه، امبرين ۽ مسڪان کي دوکي سان ھڪ شادي جي تقريب ۾ ڊانس پروگرام جو چئي گھرايو ھو اغوا ڪارن ڪرمپور اسٽاپ انڊس هاءِ وي تان کين اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا هئا.ڏوھارين ٽنھي عورتن کي ڏيڍ مھينو پاڻ وٽ قيد رکيو ويو هو.ايس ايس پي عرفان سمون موجب ٽئي ڇوڪريون ڊانسر آهن جن کي ڏيڍ مهينو اڳ شادي جي تقريب جي بهاني ڪراچي مان گهرايو ويو هو. ايس ايس پي موجب آپريشن دوران جوابي فائرنگ تي ڌاڙيل ٽنهي ڇوڪرين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس موجب بازياب ٿيندڙ ٽئي ڊانسر ڇوڪريون تيغاڻي گينگ وٽ باندي بڻيل هيون. جن کي هاڻ واپس ڪراچي پنهنجن گهرن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.ٻئي پاسي ڳڙھي تيغو ۾ گذريل 4 ڏينهن کان لاڳيتو ضلعي ڪشمور جي مختلف پوليس ٿاڻن جي پوليس نفري جو ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون جي ھدايتن تي ايس ايڇ او گل محمد مھر سميت 3 اھلڪارن جي بازيابي لاءِ آپريشن ھلندڙ آھي جنھن مقابلي بعد پوليس ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿيڻ تي ڏوھارين 3 مغوين عورتن کي ڇڏي پاڻ ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن.