ڪنڌڪوٽ مرڪزي ناظم اعليٰ جماعت اھلسنت پاڪستان، امير جماعت الصالحين پاڪستان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان جي ميمبر پیر محمد خالد سلطان قادري پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ سنڌ دشمني آهي انھي سنڌ دشمن منصوبي لاءِ سنڌ جي عوام اٿي پئي آهي جنهن ڪرص سنڌ جي عوام ۽ وڪيل برادري کي سلام آهي جن ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي آهي سنڌو درياءُ تي حق سنڌين جو آهي جيڪو ملڻ گھرجي سنڌ ۽ بلوچستان جا حالات خراب آهن سنڌ ۾ ڏوھاري راڄ قائم ٿي ويو آهي ڏوھاري سرعام اغوا، ڦرون ڪن پيا بي خوف ٿي ڀتو وٺن پيا عوام عذاب ۾ آهي بلوچستان ۾ دھشتگردي آهي جنهن ڪري ٻنھي صوبن جي وزيراعليٰ کان گھر ڪيون ٿا ته فوري قدم ڪري ڏوھاري راڄ ۽ دھشتگردي کي ختم ڪري عوام کي امن ڏيو ڀارت گذريل ڏينهن کان ڌمڪيون ڏیئي رھيو آهي جن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسان ڪنهن به ڌمڪي ۾ نه اينداسي ۽ نه معاھدو ختم ڪرڻ نه ڏينداسي اوھان کي ھر ڌمڪي جو جواب ڏيڻ جي پاڪ فوج ۾ صلاحيت موجود آهي وطن عزيز جي خاطر پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي،