ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ مجيد باجڪاڻي جي رهواسي پيرسن محمد شريف باجڪاڻي پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پهچي پنهنجي سڳي ڀاءُ جي ناجائزي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ڀاءُ عبدالمجيد باجڪاڻي منهنجي اٺ ويسوئا زمين تي اوطاق ٺاهي مون سان ناجائزي ڪئي آهي مون اهڙي دانهن پنهنجي برادري جي چيف مقدم شير محمد خان باجڪاڻي مير اشرف خان بجاراڻي سميت علائقي جي معززين کي ڏني پر هو ڪنهن به چئي ۾ نٿو اچي ۽ مون کي پٽن سميت مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پيرسن وڌيڪ چيو ته مون وٽ روينيو جو رڪارڊ به آهي جنهن جي نقشي ۾ قبضي وارو پلاٽ منهنجو آهي ڀاء جي ڏاڍ خلاف آء اعلي عدالت سڳوري جو به در کڙڪائيندس مونکي اميد آهي ته مون سان انصاف ٿيندو