ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهارين جي اناج منڊي جي واپاري جي گدام مٿان سڌي فائرنگ، گوليون لڳڻ ڪري پورهيت آدم شيخ مارجي ويو. رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهارين جي اناج منڊي جي واپاري جي گدام مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ ڪري پورهيت آدم شيخ مارجي ويو.. ڪنڌڪوٽ ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهارين پاران اناج منڊي جي واپاري ڪُنال ڪمار جي گودام تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت آدم شيخ، سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي ماڻهن علاج جي لاءِ ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس ٻئي اسپتال ڏانهن نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾قهرام مچي ويو، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال گنڀير هجڻ سبب هتان جا ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن، ياد رهي ته مهينو اڳ به ڏوهارين پاران گودام تي ويٺل پورهيتن مٿان فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن دوران هندو نوجوان انيس ڪمار مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڪراچي اسپتال نيو ويو هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.