ڪنڌڪوٽ: ڀتي لاءِ مارڪيٽ تي حملا، ٻن ڌرين جا هڪ ٻئي تي الزامن سان ويڊيو بيان جاري

ڪنڌڪوٽ : گذريل رات تنگواڻي ديرسان منظور عرف منو بهلڪاڻي ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مير صبح صادق خان کوسو جي هوٽل دڪانن مارڪيٽ کي لڳل باهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مان ڀتو نه بلڪ پوليس پاران 8مهينه اڳ منهنجي گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ جو پلاند ڪيو آهي هن صبح صادق خان کوسو کي موتمار ڌمڪي ڏيندي چيو ته اگر مون سان فيصلو نه ڪئي ته مان خوني تڪرار جاري رکندس جنهن ۾ صبح صادق ۽ انجي پٽ کي مارڻ جي ڌمڪي ٻئي پاسي صبح صادق خان کوسو به ويڊيو جاري ڪئي وئي ته مان توکي 6مهينا اڳ چيو ته جنهن وٽ به فيصلو ڪرين مان ڏيڻ لاءِ تيار هيس پر توهان منهنجي گهر تي حملو ڪيو ۽ هاڻي 25لکن جو نقصان ڪيو پوء به معتبرن وٽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. باقي ڀتو نه ڏيندس تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد سليم لاڙو جي مارڪيٽ تي ڀتي لاء ھٿياربندن جي ڪاھ پيپلزپارٽي اڳواڻ صبح صادق کوسو ۽ آدم کوسو جي مارڪيٽ ساڙڻ خلاف ڪٺ احتجاج ڪندي اڳواڻن چيو تہ ڀتي لاء بھلڪاڻي گينگ جي ،منو بھلڪاڻي ۽ ٻين پاران ڀتي لاء روز ڌمڪيون ۽ فائرنگ ٿئي پيو، ڳوٺ جي مارڪيٽ تي 6 ھٿياربندن ڪاھ ڪري سولر اٽي جي چڪي جا سولر فائرنگ ڪري ٽوڙيا ۽ ھوٽل کي باھ ڏنو جنھن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو ھنن چيو تہ ھو پيپلزپارٽي ۾ آھن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي قديمي ڳوٺ نہ ڇڏيندا ھنن چيو تہ پوليس کي بار بار دانھيو ايس ايس پي زبير نظير شيخ آفيس دانھين وياسين پر تحفظ غير يقيني بڻيل آھي، ھنن چيو تہ پيپلزپارٽي اڳواڻ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي جا اتحادي آھيون جنھن کي بہ معاملي جي آگاھي آھي نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي