ڪنڌڪوٽ: ڄام خان شورو، مڪيش ڪمار چاولا ۽ مير شبير بجاراڻي جو گڊو بئراج ۽ ٽوڙي بند جو دورو

رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ۾ امڪاني ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن فلڊ اينڊ ايمرجنسي مڪيش ڪمار چاولا، ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي، ايم پي اي مير نادر خان مگسي، ايم پي اي شير محمد مغيري، وائس چيئرمين الطاف خان کوسو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان ۽ سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کهيڙو ٽوڙي، ڪي ڪي ۽ گڊو بئراج جو دورو ڪيو. بريفنگ گڊو بئراج تي چيف انجنيئر سيد سردار شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجند کان پاڻي جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ايريگيشن عملو 24 ڪلاڪ بندن تي موجود آهي ۽ ايندڙ وهڪرا آساني سان گذري ويندا. سندس چوڻ هو ته انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. ڄام خان شورو جو بيان صوبائي وزير ڄام خان شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: شينڪ بند، ڪي ڪي ۽ ٽوڙي بند سميت سڀئي حفاظتي بند مضبوط آهن. سنڌ حڪومت سپر فلڊ لاءِ مڪمل تياري ڪري چڪي آهي، ڪمزور حصن تي بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج مان 7 لک کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجند ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پڻ متاثرن جي مدد لاءِ سرگرم آهي. متاثر علائقن بابت خدشا ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪچي علائقن ۾ لڳ ڀڳ 2 لک جي آبادي آهي، جن مان اڌ متاثر ٿيڻ جو خدشو موجود آهي. ان لاءِ ٻيڙيون ۽ ٻيو امدادي سامان مهيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رليف لاءِ اڳواٽ قدم کنيا ويا آهن. پاڻي جي نيڪالي بابت انتظام صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سڀني بئراجن جا دروازا کوليا ويا آهن ته جيئن بئراجن کي نقصان نه پهچي. حڪومت جي سمورن وسيلن کي استعمال ڪندي صورتحال تي مڪمل نظر رکي پئي وڃي.