خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر جي مدرسي پاڙي ۾ رات دير سان ھٿياربند فائر ڪري روڊس کاتي جي ايس ڊي او ھدايت اللّٰه لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس ۽ لاشاري برادري جا ماڻھو پھچي لاش کڻائي سول اسپتال آندو جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل نه ٿيو باخبر ذريعن موجب کوسا برادري سان تعلق رکندڙ ھمراھ ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيو آهي پوليس جوابدار جي گھر ۽ دوڪانون خالي ڪرايو آهن پر جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ڊي او ھدايت اللّٰه لاشاري امن امان جي خراب صورت حال ھجڻ ڪري ڪنڌ ڪوٽ مان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي وڃي آباد ٿيو ھڪ ڏينهن اڳ ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ آيو ھو،