غوثپورشھر جي مزدورن پاران اجرت نه وڌائڻ تان اڄ ٻئي ڏينھن به ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو۔ مزدورن پنھنجي اڳواڻن مٺو اوڳاھي۔ عبدالصمند اوڳاھي۔ سليمان۔ استاد عبدالرحيم مھر ۽ اڪبر موچي جي اڳواڻي ۾ شھر جي مئن پريس ڪلب ٻاھران بيھي سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي۔ ھنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته گذريل ھڪ سال ۾ ھر شئي جا اگھ ٻيڻا ٿي ويا آھن۔ کير اٽو۔ گيھ ۔ دوائون مطلب ته عام واھپي جي ائٽمن جا اگھ ايترا وڌي ويا آھن جو اسانجي پورت ئي ڪونه ٿي پوي۔ ھڪ ٻار کي بخار اچي ٿو ته ڊاڪٽر وٽ ھزار کان مٿي بل نڪري ٿو اھڙي صورتحال ۾ ڇھ سئو جي ڏھاڙي ۾ اسان ڪٿان پورت ڪريون۔ مزدورن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل ڪئي ته اسانجي اجرت ۾ ھڪ سئو ۽ مسترين جي اجرت ۾ ٻھ سئو روپين جي واڌ ڪئي وڃي۔ ٻئي پاسي ھڙتال سبب شھري سخت تڪليفن جو شڪار ٿي ويا ۽ شھر ۾ ھلندڙ ڪيترائي ترقياتي ڪم بند رھيا