ڪنڌڪوٽ: ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

ڪنڌڪوٽ: بخشاپور ويجھو انڌي ڦاٽڪ وٽ ڊومڪي برادري جي ڦلواڻي، ۽ بڊاڻي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ ۾ عيدن ڊومڪي ۽ برڪت ڊومڪي گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويا زخمين ۾ مختيار ڊومڪي، پير بخش ڊومڪي، ڌڻي بخش ڊومڪي، نور احمد، طارق ڊومڪي. ذاڪر ڊومڪي، علم الدين ڊومڪي گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد لاء ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جڳي ٻڌائي پئي وڃي. جن کي رحيم يار اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.بخشاپور پوليس جو چوڻ آھي ته پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو آھي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 8 زخمي ٿي پيا آھن. پوليس فوتين جا لاش بخشاپور اسپتال کڻائي آئي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي.