ڪنڌڪوٽ: ڏوهارين جو راڄ، سبزي منڊي ۾ واپاري زخمي، پوليس بيوس

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڏوهارين ٻيهر تر تپائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي، جڏهن ته پوليس بيوس نظر اچي رهي آهي۔ مليل ڄاڻ موجب، ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ۾ واپاري رضا محمد کوسو کي ڏوهارين يرغمال بڻائي لکين روپيا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن کيس ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا۔ فائرنگ ۽ ڦر واري واقعي سبب شهر ۾ خوف جي لهر ڇائنجي وئي۔ شهري چيو ته سبزي منڊي جي ٻنهي روڊن تي پوليس پڪٽ ۽ ون فاءِو پوليس جو شهر ۾ گشت هجڻ جي باوجود ڏوهاري بنا ڪنهن خوف جي وارداتون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب عوام پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي۔