ڪنڌڪوٽ: کاهي شاخ کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل تباهه – ڳوٺاڻن جو احتجاج

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه کان پوءِ ايريگيشن عملي پاران شاخن ۽ واهن ۾ وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان علائقي ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ پنهل خان گولو جي سامهون گذريل رات دير سان کاهي شاخ کي گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل لڙهي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پاڻي جو رخ پي پي ايل پاران جوڙيل روڊ ۽ گئس پائيپ لائين ڏانهن به ٿي ويو آهي، جنهن سان وڏو نقصان ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڻڊن سان گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انتظاميا غائب رهي. ڳوٺاڻن زاهد گولو، لائق گولو، حليم گولو، مصري گولو، عبدالغني گولو، خان محمد گولو، نور حسن گولو، علم الدين گولو، شهزور گولو ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گهاري سبب زرعي نقصان تمام وڏو ٿيو آهي، جڏهن ته پاڻي تيزيءَ سان پي پي ايل جي گئس لائين کي به خطري ۾ وجهي رهيو آهي. ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي گهارو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نه رڳو ڳوٺ متاثر ٿيندا پر گئس پائيپ لائين کي به وڏو نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.