ڪنڌڪوٽ : ڪجھ دير اڳ دراني مھر ٿاڻي جي حد 219 اولڊ پوليس چيڪ پوسٽ تان اڻڃاتل ھٿياربندن هٿان

ڪنڌڪوٽ : ڪجھ دير اڳ دراني مھر ٿاڻي جي حد 219 اولڊ پوليس چيڪ پوسٽ تان اڻڃاتل ھٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا ٿي ويل پوليس اهلڪار الياس ڀٽو پي سي لياقت ڀيو. پي سي مير هزار نندواڻي کي سرڪاري ھٿيارن سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا تازو هڪ ڪلاڪ گذرڻ بعد ڀيو گينگ جي ڏوهاري ٽولي پاران اغوا ڪيل اهلڪارن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي جنهن م مغوي اهلڪارن جو ڪشمور پوليس کي چوڻ آهي ته ڏوهارين جا ساٿي شڪارپور ضلعي جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي پوليس هٿان گرفتار ڪيل ساٿين کي آزاد ڪري اسان کي ڏوهارين جي چنبي مان آزاد ڪرائي جان بچائي وڃي اغوا ڪار ٽولي جو اهيو به چوڻ آهي ته هڪ ڪلاڪ دوران جي منهنجي گرفتار ڪيل پوليس ساٿي آزاد نه ڪيا ته ٽنهي اهلڪارن جا پوليس ڏانهن لاش اماڻيا ويندا