ڪنڌڪوٽ: ڪرمپور ڀرسان نينگر ٻڏي فوت گهر ۾ قهرام,ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور جي ڳوٺ مير بگن خان بجاراڻي نصيراڻي محلي رھواسي 4 ورھين جو شان علي پٽ ممتاز علي نصيراڻي گھر ڀرسان راند کيڏندي پير تيرڪڻ سبب پاڻي جي تلاءۡ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ جي ٻارن جي اطلاع تي وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي نينگر جو لاش پاڻي جي تلاءۡ مان ٻاھر ڪڍي گھر منتقل ڪيو معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو جڏھن ته ڳوٺ سميت علائقي ۾ سوڳ چائنجي ويو .